اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور تي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو وڃي ۽ متاثرين کي ??نبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس کي ??طاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شه??از شريف متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هد??يت ڪئي. هن ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي فوري طور تي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته ٻوڏ متاثرين کي ??نبو، کاڌي پيتي جي شين ۽ صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ متاثرين کي فوري طور تي 25 هزار رپيا في خاندان فل?? ريليف ڪيش پهچائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا غفلت ڪنهن به صورت ۾ نه آهي. هن هد??يت ڪئي ته گڏيل سروي جي مڪمل ٿيڻ ۽ بحالي تائين ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر کي متاثر جاين تائين امداد پهچائڻ جي لاءِ بحال ڪرڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. وزيراعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي، بلوچستان حڪومت ۽ منصوبابندي واري وزارت کي هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هد??يت ڪئي. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شه??از شريف سان بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم کي ??لوچستان ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ کان نقصانن ۽ جار?? ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق ۽ لاڳا??يل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.