اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سمانٿا پاور پرڏيهي ??فيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي ??فيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ حڪومت پاران بحالي ۽ امداد جي سرگرمين کان آگاهه ڪي??. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري امدادي سرگرمين جي لاءِ 30 ملين ڊالر جي امداد تي يو ايس ايڊ جا ٿورا مڃيا ۽ يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سان پاڪستان جي لاءِ عالمي برادري جي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان تعاون جي خواهش جو اظهار ڪي??. پرڏيهي وزير ۽ يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر جي وچ ۾ ملاقات دوران موسمياتي تبديلي ۽ ان سان مقابلي جي لاءِ حڪمت عملي تي پ?? خيالن جي ڏي وٺ ٿي.