ڪراچي – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تجديد عهد ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ برابري جي فروغ جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ??ٽو ج?? فلسفي تي سختي سان ڪاربند رهنداسين. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ??ٽو ک?? ان جي 70 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پُورب ڄائي ڪالهه به اونداهين ۾ گهيريل قوم جي لاءِ روشني جو ڪرڻو هئي ۽ اڄ به مشڪل حالتن ۾ ان جي سوچ ۽ فلسفو ملڪ جي لاءِ رهنمائي آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ بي قابو ٿيندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ شهيد محترمه بينظير ??ٽو ج?? عوام دوست فلسفي جي پيروي ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ به پاڪستان کي ڪيترائي ڀيرا مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر عوام کي سدائين اهو يقين هوندو هو ته ڀلي حالتون ڪيتريون ئي ڏکيون ڇو نه هجن، ”بينظير ايندي، روزگار آڻيندي. آئون يقين ڏاريان ٿو ته جيڪڏهن عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ ڏنو، ته عوامي حڪومت به ملڪ ۾ روزگار آڻيندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ??ٽو هڪ تاريخ ساز سخصيت ۽ انسان دوست تحريڪ جو نالو آهي. اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻوٽو پروان چڙهڻ، حقيقت ۾ شهيد محترمه بينظير ??ٽو ج?? ڊگهي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. قائد عوام جي شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت کي بچائڻ ۽ مضبوط بڻ??ئڻ ۾ شهيد محترمه بينظير ??ٽو ج?? اهم ڪردار رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ??ٽو ک?? خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين نمونو ان جي سوچ ۽ فلسفي جي پيروي ڪرڻ ۽ پاڻ کي ان جي اڻ مڪمل مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ آهي. محترمه بينظير ??ٽو ج?? مشن اهو آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي ۽ جمهوري ادارا مضبوط ٿين، ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو معاشرو ج??ڙڻ آهي جتي رواداري، برابري ۽ هم آهنگي جو مان مٿاهُون هجي. وقت اچي ويو آهي ته اسان مان هر هڪ محب وطن پاڪستاني ملڪ جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ سربلندي جي لاءِ بينظير جي ويزن جو عزم ڪري.