اسلام آباد – 04 ???جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شر??ف نانگا پربت ۾ ڦاٿل ج??ل چاڙهو آصف ڀٽي جي بازيابي جي لاءِ فوري ريسڪيو آپريشن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??باز شر??ف چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف جي اپيل جو نوٽيس وٺندي گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته آصف ڀٽي جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيف سيڪريٽري کي چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف سان رابطو ڪندي ان جو حوصلو ٻڌائڻ جي به هدايت ڪئي. واضح رهي ته آصف ڀٽي جو 7 هزار 500 ميٽر جي بلندي تي ڦاسڻ جي اطلاع آهي. چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف سوشل ميڊيا جي ذريعي وزيراعظم محمد ش??باز شر??ف کي پنهنجي پيءُ جي مدد جي اپيل ڪئي هئي.