ڪراچي-13 جون (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيف ميٽرولوجسٽ ??وف??ن جي ڪراچي ۾ اثرن ۽ ??وف??ن جي اثرن کي ش??ر ۾ منهن ڏيڻ لاءِ امدادي ڪمن ۽ شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي قدمن ۽ انتظامن بابت پي ڊي ايم اي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي چيف ميٽرولوجسٽ ڪمشنر کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 15، 16 ۽ 17 جون تي تيز هوائن سان تيز برس??ت جو امڪان آهي. خدشو آهي ته هڪ سئو ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي. بحرحال موسم جي اها صورتحال تبديل به ٿي سگهي ٿي.