حيدرآباد-13 جون (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي فواد غفار سومرو ضلعي جي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ??ئي آهي ته امڪاني طوفاني برساتن دوران گذريل سال وانگر فيلڊ ۾ موجود رهندي برساتي پاڻي جي نيڪالي ??ار?? عمل جي نگراني ڪن. پنهنجي آفيس مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ هن چيو ته صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي پريشانين کان محفوظ رکڻ لاءِ سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ عملو سنجيدگي ۽ دلچسپي سان پنهنجا فرض ادا ڪن. هن، حيسڪو اختيارين کي هدايت ??ئي ته اهي واسا جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي بنا رنڊڪ بجلي جي فراهمي کي يق??ني بڻائين ڇاڪاڻ ته جنريٽر تي پمپنگ مشينن کي فعال رکڻ جي صلاحيت فقط 25 سيڪڙو هوندي آهي ۽ پاڻي جي نيڪالي ??ار?? ڪم پڻ متاثر ٿيندو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي فراهم ڪندڙ فيڊرن کي فعال رکڻ لاءِ ضروري انتظامن کي يق??ني بڻايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ۽ بلڊنگس کاتو سرڪاري ڪالونين ۽ سوسائٽيز مان برساتي پاڻي جي نيڪالي جا ذميوار آهن تنهنڪري ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي کان پاسو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ??ئي ويندي. هن چيو ته مون سميت سمورا لاڳاپيل عملدار پاڻمرادو برساتي پاڻي جي نيڪالي ??ار?? ڪمن جي نگراني ڪندا ۽ انشاالله ماڻهن جي جانين ۽ ملڪيتن جي حفاظت کي يق??ني بڻائڻ لاءِ سمورا گهربل وسيلا ڪتب آندا ويندا.