اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) سامونڊي ??وف??ن بپر جوائي جو پاڪستاني سامونڊي علائقن تائين جو فاصلو 400 ڪلوميٽر تائين رهجي ويو آ??ي، سامونڊي علائقن ۾ ڌُنڌ پکڙيل آهي، اڳواٽ وارننگ ۽ آگاهي مهم سان جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن ۾ مڪمل رابطا قائم آهن، صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورا ايمرجنسي ادارا ۽ پاڪستان فوج مڪمل تيار آهن. سامونڊي ??وف??ن بپر جوائي جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت اجلاس جو بندوبست ڪيو ويو. اجلاس ۾ موسمياتي ۽ ماحولياتي ??بديليءَ واري ??فا??ي وزير سينيٽر شيري رحمان، ??فا??ي وزير خرم دستگير خان ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ??ين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته سامونڊي ??وف??ن کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪري رهيا آهيون، سڀاڻي تائين اهڙي صورتحال رهي ته اُڏامن جو شيڊول به متاثر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ??وف??ن جي شدت ۾ اضافو ٿيو ته صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن، انهن ماڻهن کي شروعاتي ??ور تي ??وراڪ ۽ ميڊيڪل جي سهولتن جي ضرورت هوندي. هن چيو ته سامونڊي ??وف??ن ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي باري ۾ ميڊيا تي هر 2 ڪلاڪن بعد اپ ڊيٽ ڪنداسين. ??فا??ي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي ڪ??ڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو عمل اڄ رات تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي علائقن جي ويجهن اسڪولن کي بند ڪيو ويو آ??ي. هن چيو ته ملاحن کي ان الرٽ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، هاڻ به اطلاع آهن ته ڪجهه ملاح سمنڊ ۾ موجود آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ 110 ملي ميٽر تائين برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته بدين، ٺٽو ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ 300 ملي ميٽر تائين بارش جي اڳڪٿي آهي. هن چيو ته ??وف??ن جو رُخ في الحال پاسڪتان طرف ناهي پر احتياط ڪرڻ ضروري آهي. ??فا??ي وزير خرم دستگير خان چيو ته ??وف??ن جو اثر بجلي جي نظام تي ??ه پئجي چڪو آ??ي، سمنڊ ۾ ايل اين جي جا جهاز في الحال رُڪجي ويا آهن ۽ بجلي بڻائڻ لاءِ اندروني ذريعن سان ايل اين جي فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وڏي پاور پلانٽ کي خدانخواسته نقصان ٿيو ته اڳواٽ متبادل انتظام ڪري رهيا آهيون، پوري سسٽم جي نگراني ڪري رهيا آهيون.