اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لو?? ليبيا جي شهر بن غازي ۾ حراست ۾ پاڪستاني شهرين جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير جي هدايتن تي طرابلس ۾ پاڪستان جي ناظم الامور عاشق علي، بن غاني ۾ حراستي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان قيدين سان ملاقات ڪئي آهي. ترجمان ڇنڇر ڏينهن ان حوالي سان جاري بيان ۾ چيو ته قيدين کي خوراڪ ۽ بنيادي ضرورتون فراهم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اسان جو مشن معمول جي طبي ٽيم سان رابطي ۾ آهي. ترجمان چيو ته قيدين جي جلد واپسي ??اءِ پاڪستان جو مشن آء?? او ايم سان به رابطي ۾ آهي.