اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان کي پن??نجي هيروز تي فخر آهي، 8 ماڻهن کي ريسڪيو ڪري انهن بهادري جو هڪ نئون باب لکيو آهي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بٽگرام ۾ اسان جي هيروز چئلينج کي پوري طرح منهن ڏنو، اسان جي فوج، انتظاميا ۽ مقامي جوانن گڏجي وڏي خطري کي ٽاري بهادري جو هڪ نئون باب لکيو آهي. انهن 8 ماڻهن جون زندگيون بچائي اسان جي اتحاد جي قوت ??و هڪ ڀيرو ٻيهر مظاهرو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي جي نتيجي ۾ اڄ اسان جو ق??مي جذبو اڀري سامهون آيو آهي. اسان جا هيروز قا??ل فخر آهن.