اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو ايوان صدر ?? ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪ بحريه جو ??ربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جو ??فير پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪيه جو گڏيل فائدي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ور??اءُ ڪيو وي??. ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر سامونڊي ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏن??. ص??ر پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽس مان پهرين جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آگسٽ 2021ع ۾ ترڪيه جي دوري ??و پڻ ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مشقن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي سامونڊي فوجن جي باقاعده شرڪت کي ساراهيندي چيو ته ٻطرفو ويجهو سامونڊي تعاون پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳڻتي جو ??ظهار ڪندي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ور??ين، ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف تي ترڪيه جي حمايت کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ترڪ نيول ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفا دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ سامونڊي فوج جي ڪمانڊر کي پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميري ٽائيم ۽ سامونڊي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان پڻ نوازيو.