نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ حڪومت جي ا??لي?? ترجيح آه??، حڪومت جو سمورو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ تي آه??، حڪومت آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکون ٿا. هتي ملندڙ پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ڳالهائيندي ??يو ته آمريڪا جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پاڪستان سان پنهنجي پراڻي ۽ نتيجاخيز لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقي ۽ ذريعن تي غور ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي ا??لي?? ترجيح آه??. حڪومت جو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ تي آه??. ان سلسلي ۾ سمورين تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکي ٿي ۽ ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ، انهن جو اعتماد وڌائن، زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي ترجيحي شعبن ۾ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جوڙي آه??. نگران وزيراعظم سيڙپڪاري جي لاءِ خاص طور تي زراعت، فارماسيوٽيڪل، صحت سميت مختلف شعبن ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ جي نشاندهي ڪئي جتي آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائي سگهن ٿيون. ڪائونسل جي صدر ايسپيرانزه جيلاليان نگران وزيراعظ?? کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي ??يس يقين ڏياريو ته آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل پاڪستان حڪومت سان تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي لاءِ رابطا جاري رکندي. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن نگران وزيراعظ?? کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.