اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شر??ع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ??عليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ يونيورسٽين کي آن لائين ??عليم جي نظام کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪامسيٽس، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سيڪريٽري وفاقي تعليم سميت سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ??در اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي يونيورسٽين ??ي معاملن تي وقت سر فيصلاسازي جي لاءِ سينيٽ اجلاس باقاعدگي سان ۽ وقت سر منعقد ڪيا وڃن، سمورين يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل وزارتن کي سينيٽ ميمبرن جون خالي سيٽون وقت سر ڀرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته يونيورسٽين کي انتظامي ۽ تدريسي جاين ??ي ميرٽ تي ڀرتي جو عمل پڻ وقت تي شر??ع ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نوان شعبا شر??ع ڪن، يونيورسٽين ۾ نئين ??عبن ۾ درس ۽ تدريس شر??ع ڪرڻ کان اڳ مارڪيٽ جي ضرورتن جو جائزو پڻ وٺڻ گهرجي. صدر يونيورسٽين ??ي زور ڏنو ته اهي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب ??عليم ۽ هنر فراهم ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تم??م گهٽ آهي، يونيورسٽيون معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين ??عليم جو سهارو وٺن. اهڙي طرح يونيورسٽيون آمدني وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولين ۽ تحقيقي گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ پروفيشنلز جي مدد وٺن. اجلاس ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مالي، انتظامي، تعليمي ۽ ملازمن سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.