مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري چيو آهي ته ڀا??ت مودي جي انتهاپسنداڻي پاليسين جي ڪري عالمي دهشتگرد طور سامهون آيو آهي ۽ اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڀا??ت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو ۽ مودي ڀا??ت جو گوربا چوف ثابت ٿيندو، 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀا??يت فوج ڪشمير تي قابض ٿي هئي، ڪشميري ان ڏينهن کي پوري دنيا خاص طور تي لنڊن، نيويارڪ، برسلز، پيرس، برلن ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهائيندي ا??تجاجي مظاهرا ڪن، اسرائيل پاران غزه ۾ بيگناهه فلسطينين تي بمباري جي شديد مذمت ڪريون ٿا، عالمي برادري ا??رائيل کي فلسطينين تي بمباري کان روڪي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير آزادي جو بيس ڪئمپ آهي ۽ هتان اسان پوري شدت سان ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي ا??اگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، اڄ آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان جي بزرگن غازي ملت سردار محمد ابراهيم خان جي قيادت ۾ هي خطو آزاد ڪرايو، هيستائين پهچڻ ۾ شهيدن جو رت، عصمت مآب عورتن جي قرباني?? ۽ ??جرتن جو هڪ سفر پڻ شامل آهي، تاريخ گواهه آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سدائين ڏاڍ جي خلاف جدوجهد ڪئي، سکن جي خلاف مزاحمت ۾ سبز علي خا?? ۽ ??لي خان پنهنجون کَلُون ڇڪرايون ۽ آزادي جي تحريڪ کي پنهنجي رت سان سنواريو، انهن جا سر قلم ڪيا ويا پر انهن ظلم جي ا??اعت نه ڪئي، ڊوگره ظلمن جي خلاف پڻ ڪشميرين جدوجهد جو رستو اختيار ڪيو، اڄ انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، والاريل ڪشمير جي عوام کي يقين ڏياريان ٿو ته آزاد ڪشمير جو هر ٻار انهن جي جدوج??د ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀا??تي قبضي کان آزادي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد جي هاءِ ڪورٽ گرائونڊ ۾ آزاد ڪشمير جي 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌري انوارالحق، قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، حڪومتي وزير، اسيمبلي ميمبر، سيڪريٽريز، انسپيڪٽر جنرل پوليس، اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهرين جو وڏو انگ پڻ شريڪ هو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت جو قيام رڳو اتفاق نه هو پر اسان جي ا??ن ڏاڏن هن خطي مان طاقت جي زور تي مهاراجا جي ڊوگره فوج کي ڀڄائي اڄ جي ئي ڏينهن غازي ملت سردار محمد ابراهيم خان جي قيادت ۾ انقلابي حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو هو، آزادي جي لاءِ ڪشميري عوام تاريخي جدوجهد ڪئي، اڄ اسان انهن مجاهدن ۽ غازين کي جن ايمان جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري آزادي جو ڏيئو روشن ڪيو کي سلام پيش ڪريون ٿا، آزاد حڪومت جي قيام جو بنيادي مقصد هڪ بيس ڪئمپ جي حڪومت طور ڀا??ت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي پڻ آزاد ڪرائڻ هو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڄ به ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گر آهي، 96 هزار کان وڌيڪ عام ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي، 8 هزار کان وڌيڪ اجتماعي قبرُون ڳوليون ويون آهن، 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڀا??ت جي قابض فوج گم ڪيا آهن، 22 هزار عورتون بيواهه ڪيون ويون، لکين ٻار يتيم ڪيا ويا، حراست دوران ڪشميرين کي شهيد ڪيو پيو وڃي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر چيو ته اڄ جتي آزاد حڪومت جو يوم تاسيس ملهائڻ جو ڏينهن آهي ا??ي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ جي پڻ ضرورت آهي ته ڇا اسان آزادي جي بيس ڪئمپ ۾ 24 آڪٽوبر 1947ع تي جن مقصدن جي لاءِ هي حڪومت قائم ڪئي هئي، اهي مقصد حاصل ٿيا يا نه، حڪومت جي ڪارڪردگي جو فيصلو عوام ڪري ٿي، آزادي جي بيس ڪئمپ ۾ حڪومت جي قيام جو مقصد ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي عالمي سطح تي ا??اگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير کي ڀا??تي قبضي کان آزادي ڏيارڻ آهي.