اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ملڪ ۾ 72 لک ميٽر?? ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن، ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ث??نيه نشتر جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ثانيه نشتر ۽ ٻين سينيٽرن تمام اهم نقطا اٿاريا آهن، پارليامينٽ جي گڏيل ڏ??هپ سان حڪومت کي رهنمائي ملي ٿي. سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ تجويزون تمام سٺيون آهن، ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون. هن چيو ته هن وقت ڪڻڪ جا ذخيرا پ??جا?? ۾ 39 لک 24 هزار 367 ميٽر?? ٽن، سنڌ ۾ 8 لک 17 هزار 394 ميٽر?? ٽن، خيبرپختونخواهه ۾ 2 لک 15 هزار 82 ميٽر?? ٽن، بلوچستان ۾ 89 هزار 354 ميٽر?? ٽن، پاسڪو وٽ 17 لک 18 هزار 177 ميٽر?? ٽن موجود آهي، جيڪو مجموعي طور تي 67 لک 64 هزار 374 ميٽر?? ٽن آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جي نجي ذخيرن ۾ پ??جا?? ۾ 3 لک 37 هزار 270 ميٽر?? ٽن، سنڌ وٽ 93 هزار 165 ميٽر?? ٽن، خيبرپختونخواهه وٽ 14 هزار 918 م??ٽر?? ٽن، بلوچستان وٽ 4 هزار 167 ميٽر?? ٽن جيڪو مجموعي طور تي 4 لک 49 هزار 510 ميٽر?? ٽن بڻجي ٿو. هن چيو ته درآمد ٿيندڙ پرائيويٽ اسٽاڪ ۾ 10 لک 33 هزار 845 ميٽر?? ٽن آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي ۽ ڪڻڪ جي ڪا به کوٽ نه آهي. صوبن ۾ امدادي قيمت مختلف آهي. پ??جا?? ۾ اها 4 هزار 600 ۽ سنڌ ۾ 4 هزار 700 رپيا في مڻ آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ث??نيه نشتر، سينيٽر دلاور خان، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروردي، سينيٽر حاجي هدايت الله ۽ سينيٽر رخسانه زبيري به خيالن جو اظهار ڪيو.