اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس ل??ئي?? ۽ ضلعي خيبر ۾ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگردن جي ٽانڪ پوليس ل??ئي?? ۾ شرپسندي جي وڏي منصوبي کي ??اڪ??م بڻائڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪي??. ن??ران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي ت??ئي?? اها جنگ جاري رکنداسي??. م??ن سميت سڄي قوم ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بهادر ع??ام دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. نگران وزيراعظم حملن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.