اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ 2024ع جو انعقاد پاڪستان جي لاءِ ا??زا?? جو سبب آهي. اها ڳالهه هن ??ومي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان به موجود هو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سربراهه ڪانفرنس 10 ۽ 11 جنوري تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستان جي تار??خ ۾ اها ڪانفرنس پهريون ڀيرو ٿي رهي آهي، جيڪا پاڪستان جي لاءِ ا??زا?? جي ڳالهه آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته اها ڪانفرنس انسانن جي صحت بابت آهي. عوام جي صحت بابت مسئلا ئي اصل مسئلا آهن. ان موقعي تي قومي صحت واري نگران وفاقي وزير صحافين کي ڪانفرنس جي حو??لي سان تفصيلن بابت پڻ آگاهه ڪيو.