اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري کي تاجڪستان جي صدر امام عل?? رحمان ٽيليفون ڪئي ۽ پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ٻنهي صدرن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ک?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ تاجڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. صدر پاڻي وسيلن جي اهم شعبي ۾ تاجڪستان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. صدر آصف عل?? زرداري رمضان المبارڪ جو برڪتن و??رو مهينو شروع ٿيڻ تي تاجڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. هن تاجڪ صدر کي نوروز جي آمد تي پڻ مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام عل?? رحمان صدر آصف عل?? زرداري کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. صدر مبارڪباد جي پيغام ۽ نيڪ خواهشن جي اظهار تي پنهنجي تاجڪ هم منصب جا ٿورا مڃيا.