اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جا قطر سان ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ڀ??پو?? صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسيٰ الخطر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، نائب امير شيخ عبدالله بن حمد الثاني ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جا پنهنجي وزيراعظم جي چونڊجڻ تي مبارڪباد وارا پيغام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي قطر سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ڀ??پو?? صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جيڪا سندس اڳوڻي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي، هاڻي هڪ موث?? ۽ ??تيجاخيز طريقيڪار طور ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته غيرملڪي سيڙپڪار پاڪستان جي اهم شعبن يعني زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻي سگهن. وزيراعظم غ??ه ۾ امن جي ڪوششن ۾ قطر جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ به غ??ه ۾ تشدد جو سلسلوجاري آهي. وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۽ مارچ 2023ع ۾ قطر جي پنهنجي سرڪاري دورن جو ذڪر ڪندي قطر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام ويجهي مستقبل ۾ سندس استقبال جي منتظررهندي. قطر جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي پوري ڪوشش ڪندو.