اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل برقرار آهي، چونڊيل وزيراعظم 4 مارچ تي حلف کڻندو، اڄ جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي ٿي رهي آهي، اسان واعدو ڪيو هو ته هي ملڪ جنهن حالت ۾ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ چونڊيل حڪومت کي ڏ??ي وينداسين، نگران حڪومت پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي مالي ۽ انتظامي ضرورتن کي پورو ڪيو، اسان جي ??رجيح معاشي استحڪام رهي. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ??ئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اڄ اهو واعدو تڪميل تي پهتو آهي، سمورن چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي، سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي جڏهن ته 4 مارچ تي نئون وزيراعظم حلف کڻندو. هن چيو ته 4 مارچ تي جڏهن وزيراعظم حلف کڻندو، ان وقت نگران حڪومت جا 200 ڏينهن مڪمل ٿي ويندا. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 1977ع جي چونڊن تي به اعتراض هئا، ان وقت جي مخالف ڌر چيو ته اسان انهن چونڊن کي نه ٿا مڃون جڏهن ته بعد ۾ قومي اتحاد جي ا??واڻن تسليم ڪيو ته ڪا وڏي ڌانڌلي نه ٿي هئي، ڪجهه سيٽن تي اعتراض هئا، ان وقت وزيراعظم سان ڳالهيون ٿيون ان کانپوءِ انهن ٻيهر چونڊن تي اتفاق ڪري ورتو هو پر 2024ع جي چوندن ۾ اهڙي ڪا صورتحال نه آهي. هن چيو ته جمهوريت ۾ شور شرابو ٿيندو آهي، جمهوريت قبرستان نه آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ??ط سان آءِ ايم ايف جو پراسيس نه رڪجندو، ان خط جو مقصد پاڻ کي شهه سرخين ۾ آڻڻ هو، ان ۾ شايد انهن کي ضرور ڪاميابي ٿي آهي پر آءِ ايم ايف اهڙي طرح جي ??ط جو ڪو جواب نه ڏيندو ۽ نه ئي ان جي نتيجي ۾ آءِ ايم ايف سان معاملا رڪجندا، اها هڪ سياسي راند کيڏي وئي آهي جيڪا افسوسناڪ آهي. هڪ سوال تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد وزيراعظم تجربيڪار ماڻهن جي ٽيم آڻيندو، هن ملڪ جا مسئلا تمام گهڻا ڳنڀير آهن، ملڪ کي سياسي استحڪام جي ??رورت آهي. هن چيو ته قومي سطح جي ??يجنڊا تي سڀني کي هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ جي ??رورت آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت جو مينڊيٽ بنيادي سڌارا ڪرڻ نه آهي، گورننس جا مسئلا اطلاعات واري وزارت سميت سمورين وزارتن ۾ موجود آهن، نئين حڪومت اطلاعات واري وزارت جي ??مورن ادارن بشمول پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي کي ا??تي وٺي ويندي، اسان سڀني کي گڏجي مسئلن جي ??ل طرف وڃڻو آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن قانوني طور تي ڪنهن جون سيٽون ٺهن ٿيون ته انهن کي ملڻ گهرجن، قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي، عوام جن کي چونڊيو آهي ته اهي عوام جي ??رجماني ڪن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿي رهيو آهي، اسان 17 آگسٽ 2023ع تي واعدو ڪيو هو ته هي ملڪ جنهن حالت ۾ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ چونڊيل حڪومت کي ڏ??ي وينداسين. هن چيو ته نئين قومي اسيمبلي ميمبرن کي اها ئي درخواست آهي ته اهي جنهن به پارٽي سان تعلق رکندا هجن، اهي ملڪ جي مسئلن جي ??ل جو ذريعو بڻجن. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي، نگران حڪومت عوام جي ٽيڪس جي پئسن ??ان هڪ رپيو به پنهنجي ??شهير تي خرچ نه ڪيو، اسان سياسي گرمي پد کي هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، اليڪشن ڪميشن جون مالي ۽ انتظامي ضرورتون پوريون ڪيون. هن چيو ته نگران دور ۾ ايس آئي ايف سي جي ??رگرمي به اتي رهي، نجڪاري جي ??والي سان اسان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جيڪو ايندڙ چونڊيل حڪومت جي لاءِ سهولت جو سبب بڻجندو، اسان جي ??رجيح معاشي استحڪام هو.