اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي ??و عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته قومي ا??يمبلي ??ي نون چونڊيل ميمبرن کي خلوص نيت سان عوام جي ا??تماعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. قومي ا??يمبلي ۾ نئين اسپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي پنهنجي الوداعي خطاب ۾ هن چيو ته ايوان جو 22 هون اسپيڪر بڻجڻ هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته نون چونڊيل ميمبرن کي ديانتداري ۽ خلوص نيت سان عوام جي ا??تماعي مسئلن ۽ قوم ک?? درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي ??ناح 11 آگسٽ تي پنهنجي تاريخي خطاب ۾ هن ايوان کي مڪمل اختيارن جو مالڪ ۽ بهترين ادارو قرار ڏنو هو. هي ا??ان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان گڏيل تعاون ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪريون. هن چوڻ هو ته هي ايوان عوام جي ا??تماعي شعور جو ادارو آهي، عوام جون نظرون اسان سڀني تي آهن، اسان کي پنهنجي طرز عمل سان ملڪ جي مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آصف علي ??رداري، بلاول ڀٽو زرداري، محمد نواز شريف، ميان ش??باز شريف ۽ ٻين پارلياماني پارٽين جو ٿورو مڃيو. هن نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته ٽيون ڀيرو اسپيڪر بڻجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي ا??تماد جو اظهار آهي. هن نئين اسپيڪر لاءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.