اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عل??ي ملڪي ترقي ۾ عورتن جي ڪردار جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي زندگي جي هر شع??ي ۾ بااختيار بڻائڻ کانسو??ءِ ترقي پسند ۽ جامع معاشرو ممڪن نه آهي. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان پاران عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه عل??ي چيو ته اها هر هڪ جي ذميواري آهي ته هو ڇوڪرين ۽ عورتن کي مناسب تعليم ?? تربيت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائي ته جيئن اهي باوقار زندگي گذاري سگهن. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ايسوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته بهبود ايسوسيئيشن پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين اٽڪل 10 لک عورتن کي مختلف شعبن ۾ هنر ۽ تربيت فراهم ڪري بااختيار بڻايو آهي. هن چيو ته عورتون ملڪ جي ڪل آبادي جو اڌ آهن ۽ ملڪ جي معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ انهن جي شموليت تمام ضروري آهي، ملڪ ۾ عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، پاڪستان کي گلوبل جينڊر گيپ انڊيڪس ۾ 147 ملڪن مان 142 جي موجوده درجابندي کي بهتر ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته عورتن جي خواندگي جي شرح ۾ بهتري سان ملڪ جي مجموعي خواندگي جي شرح پاڻ ئي بهتر ٿي ويندي. ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي پنهنجي مهم جي حوالي سان ثمينه عل??ي چيو ته ان بيماريءَ جي جلد تشخيص کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجو معائنو تمام اهم آهي، ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جلد تشخيص قابل علاج آهي. اهڙي طرح هن ذهني صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو جيڪو ذهني دٻاءُ کان بچڻ ۽ ماڻهن کي صحتمند رکڻ جي ل??ءِ تمام ضروري آهي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي معذور ماڻهن جي ل??ءِ پيشيواراڻي تربيت جا مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن اهي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ان کان اڳ خاتون اول ايسوسيئيشن جي اسٽاف ۾ شيلڊز ورهايون. ان موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) ڊاڪٽر نگار جوهر چيو ته بهبود ايسوسيئيشن عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ ٻڌايو ته ايسوسيئيشن جي پيلٽ فارم تان 100 بسترن جي اسپتال تعمير هيٺ آهي ۽ هڪ سال جي اندر مڪمل ٿي ويندي. بهبود ايسوسيئيشن جي صدر ثمينه عل??ي کي بريسٽ ڪينسر ۽ ٻ??ن صحت ۽ سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو.