اسلام آباد – 18 ?? اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پ??ڪس??ان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. سورهين ??وم?? اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال جو خصوصي طور تي ذڪر ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري م??لمانن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ڀارتي حڪمت عملي جو حصو آهي، پ??ڪس??ان ڀارت جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ٿو، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ کنيل سمورا غيرقانوني قدم واپس وٺي. صدر چيو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پ??ڪس??ان والاريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل ??وم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي. صدر پنهنجي خطاب ۾ فلسطين جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان کي بيگناهه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پاران وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي آهي، پ??ڪس??ان قابض اسرائيلي فوج جي کلي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو.