اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون ت??ظي?? (ايس سي ا??) جي پرڏيهي وزيرن و??ري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 20 ۽ 21 مئي تي قازقستان جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قازقستان جي دوري دوران آستانه ۾ شنگهائي تعاون ت??ظي?? جي هم منصبن ۽ ٻين شريڪ اڳواڻن سا?? ملاقاتون پڻ ڪندو.