اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف (سڀاڻي) 23 مئي 2024ع تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪندو. اهو و??ير??عظم جو چونڊجڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو پهريون دورو هوندو. و??ير??عظم سان گڏ ڪابينا جي اهم وزيرن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفيس موجب ان دوري دوران و??ير??عظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد سان ملاقات متوقع آهي. ٻئي اڳواڻ واپار ۽ سيڙپڪاري تي خصوصي ڌيان سان گڏ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??دا. و??ير??عظم شهباز شريف جي ٻين اماراتي شخصيتن، ڪاروباري شخصيتن ۽ مالياتي ادارن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتن جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جون پاڙون مذهبي ثقافتي وابستگي سان ڳنڍيل آهن. مس??سل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ وڏي خاصيت آهي. و??ير??عظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ط??ف هڪ اهم قدم آهي.