ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجا??ُ ڪيو آهي ۽ گڏيل عرب ام??رات جي ڪاروبار?? اڳواڻن کي دعوت ڏني آهي ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين عبدالله محمد المزروعي ڪئي. وفد سان ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم گڏيل عرب ام??رات جي اقتصادي ترقي ۾ چيمبر جي ڪردار کي ساراهيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جو ذڪر ڪندي وزيراعظم واپار جي ڪاٿي ۽ دائره ڪار کي وڌائڻ ۽ ان کي وسيع ڪرڻ جا امڪان ڳولڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجا??ُ ڪيو. هن گڏيل عرب ام??رات جي ڪاروبار?? اڳواڻن کي دعوت ڏني ته اهي پاڪستان ۾ خاص طور تي توانائي، انفراسٽرڪچر، سياحت ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سيرپڪاري جي بي پناهه موقعن مان فائدو کڻن. ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس جي ميمبرن پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي.