اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پاليسي هولڊرز کي ??وري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشورنس محتسب پنهنجي پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي انشورنس محتسب ممت??ز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين کي ??الياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشورنس ڪليمز جي حل ۾ متاثر پاليسي هولڊرز کي انصاف جي فراهمي ۾ انشورنس محتسب جي ڪردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ته انشورنس محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ايوان صدر ۾ منعقد ??لف برد??ري و??ري تقريب ۾ ممت??ز علي شاهه کان وفاقي انشورنس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.