راولپنڊي -13 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، شهيد ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد جي گهر پهچي شهيد ڪيپٽن جي والد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت شهيد جي ڪٽنب سان همدر??ي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي ??لن?? درجن لاءِ فاتحه خواني ??ئي. محمد اسامه بن ارشد گذريل ڏينهن اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب شهيد ٿي ويو هو. صدر مملڪت شهيد جي بهادري، جذبي، حب الوطني ۽ وطن لاءِ خدمتن کي ??ه ساراهيو. صدر مملڪت وطن لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيد جي ??لن?? درجن ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا ڪئي.