اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄ??ون ??شم??ر جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاني جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو، ڀارت والاريل ??شم??ر جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظر نامي کي بدلائڻ لاءِ 5 آگسٽ 2019ع کان هڪ مسلسل مهم جو آغاز ڪري چڪو آهي، ڄمون ??شم??ر ۾ ٻاهر جي ماڻهن کي ڊوميسائل سرٽيفيڪيٽ جاري ڪري، ووٽر لسٽن ۾ عارضي رهائشين کي داخل ڪرڻ، اسيمبلي تڪن ۾ تبديليون ۽ زمين ۽ جائيداد جي ملڪيت جي ق??نونن ۾ ترميمون ان مهم جو حصو آهن. اهي ق??م گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي ق??نونن جي خلاف ورز?? آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار يوم استحصال 5 آگسٽ 2024ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر تي ڀارتي ق??ضو مستحڪم ڪرڻ جي مهم کي 5 سال پورا ٿي رهيا آهن، غير قانوني طور تي ڀارتي ق??ضي هيٺ ڄ??ون ۽ ??شم??ر جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت ڪمزور ڪرڻ لاءِ اڄ کان 5 سالن پهريان ڀارت ڪيترائي هڪ طرفا ۽ غير قانوني ق??م کنيا. هن چيو ته لکين ڀارتي فوجين جي مسلسل موجودگي سبب والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر دنيا جي سڀ کان وڌيڪ فوجي علائقن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي وڏي پيماني تي دستاويزي ۽ عالمي سطح تي مذمت ڪئي وئ?? آهي. هن چيو ته ??شم??ري صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن سان ناروا سلوڪ اختلافي آوازن کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ڀارت جي ڪنهن به حد تائين وڃڻ جي آمادگي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان هاڻي تائين جي ق??من سان عالمي ق??نون، ??شم??ري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن جي مڪمل ڀڃڪڙي ڪندو رهيو آهي، ڀارت جي داخلي ق??نون سازي ۽ عدالتي فيصلا ??شم??ري عوام جي منصفاڻي جدوجهد کي دٻائي نه ٿا سگهن. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان ??شم??ري عوام گڏيل قومن طرفان پنهنجي واعدن جي تڪميل لاءِ منتظر آهن. عالمي برادري ڀارت تي زور ڀري ته هو والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪري ۽ سلامي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر مملڪت پاڪستان جي ان اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مطابق ڄمون ۽ ??شم??ر جي عوام جي رد نه ٿيڻ جوڳي خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي مڪمل اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.