اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد مريد عباس خان قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ڪروڙين رپي?? جي ماليت ج?? ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينه?? جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوال?? ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اينٽ?? ڪرپشن سيل ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽر انجنيئر سعد مدثر کي ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي ع??ال?? آڏو پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدار?? جي بئنڪ اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ باقي آهي. جوابدارن جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوندان سردار ??عقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار ??روڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ انهن جعلي صحيح?? جي ذريعي اي جي پ?? آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا. سردار ??عقوب مستوئي چيو ته سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي 124 ملين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن کان سرڪاري رقم جي وصولي جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ع??ال?? ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينه?? جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوال?? ڪري ڇڏيو.