اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف عورتن جي لاءِ تحر??ڪ ناانصاف بڻجي چڪي آهي، عورتن کي هراسان ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اسٽينڊنگ ??ميٽي جي اجلاس ۾ عورت کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف اقبال آفريدي جي خلاف ايڪشن کڻي. هن چيو ته اڳ ۾ ئي اسان جي معاشري ۾ عورتن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اها تحريڪ انصاف جي ف??طا??يت آهي جيڪا کلي ٻاهر اچي رهي آه??. و??اقي وزير چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته ان حملي ۾ اقبال آفريدي جي پارٽي ميمبرشپ معطل ٿيڻ گهرجي.