اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صو??ائ?? حڪ??متن کي سياست ڪرڻ بدران بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي پنجاب حڪ??مت جي طريقيڪار تي عمل ڪرڻ گهرجي، قومي فنانس ڪميشن تحت انهن کي منتقل ٿيندڙ کربين رپين جو هڪ حصو عوام جي سهولت جي لاءِ ڪڍڻ گهرجي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪ??مت پنهنجي ترقياتي بجيٽ مان 45 ارب رپيا بجلي جي انهن صارفين کي ٻن مهينن جي مدي لاءِ 14 رپيا في يونٽ ريليف ڏيڻ جي لاءِ خرچ ڪيا آهن جيڪي 200 کان 500 يونٽ بجلي استعمال ڪري رهيا آهن، اهو عوام جو حق آهي، وفاقي حڪ??مت جو ان ريليف پئڪيج ۾ ڪو حصو نه آهي، ٻين صوبن کي به ائين ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن خيبرپختونخواهه حڪ??مت عوام کي اهڙو ريليف ڏيڻ چاهي ٿي ته اسان کي خوشي ٿيندي، سياست کان پاسو ۽ حقيقتن کي مسخ نه ڪرڻ گهرجي. خيبرپختونخواهه حڪ??مت جي نمائندي پاران وفاقي حڪ??مت پاران ڪنهن امتيازي سلوڪ جو الزام هڻندڙ تنقيد کي رد ڪندي هن وضاحت ڪئي ته ان جو ان پئڪيج سان ڪو تعلق نه آهي. هن ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته اين ايف سي جا اٽڪل 60 سيڪڙو فنڊز صوبن کي ڏنا ويا آهن، وفاقي حڪ??مت کي غيرملڪي امداد سان هلندڙ منصوبن تي قرضن ۽ وياج جي ادائيگي جي صورت ۾ بي پناهه چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته وفاقي حڪ??مت 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي ٽن مهينن جو ريليف ڏيڻ جي لاءِ 50 ارب رپيا پڻ رکيا آهن جيڪو ڪل گهريلو صارفين جو 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته بلوچستان حڪ??مت سان حصيداري ۾ صوبي ۾ 70 ارب رپين جي لاڳت سان 28 هزار ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ڪيا ويندا جنهن مان 55 ارب رپيا وفاقي حڪ??مت برداشت ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ان سان 28000 آبادگارن کي فائدو پهچندو ۽ گڏوگڏ بجلي چوري جي مسئلي ت?? پڻ ضابطو آڻي سگهبو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪ??مت صو??ائ?? حڪ??متن جي مشاورت سان معيشت جي استحڪام ۽ ملڪي واپار ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي واري قدمن تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪ??مت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪرڻ کانپوءِ اهڙا سمورا قدم کڻندي، پي ٽي آءِ جي معاهدي جي خلاف ورزي جي ”غيرمعقول“ قدم ملڪ کي ڏيوالي جي ويجهو پهچائي ڇڏيو هو. حڪ??مت جي معاشي پاليسين جي نتيجن تي روشني وجهندي وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي ٻڌايو ته مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11.5 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ اڃا وڌيڪ ڪوششن جي ضرورت آهي. هن 13.5 ٽريلين رپين جي روينيو هدف کي پورو ڪرڻ ۽ پاور سيڪٽر جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ت?? پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ڪابينا جو ڌيان ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ شديد برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ فوتگين ۽ تباهي طرف ڇڪرايو ۽ صوبن ۽ پي ڊي ايم اي جي تعاون سان نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي ڪوششن ک?? ساراهيو. ڪابينا برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري مختلف واقعن ۾ فوت ٿيندڙن ۽ دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوانن جي لاءِ پڻ فاتحه خواني ڪئي.