اسلام آباد- 21 آگسٽ (اي پ?? پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار احمد برٿ چيو آهي ته ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سمورن هوائي اڏن ۽ زميني رستن تي هيلٿ ورڪرز ۽ نان هيلٿ ورڪر?? کي سکيا ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي. صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ايم پاڪس جي جائزه اجلاس دوران ڳالهيائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊي جي هيلٿ ۽ صحت جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بارڊر هيلٿ سروسز پاران سمورن هوائي اڏن ۽ انٽري پ??ائنٽس تي منڪي پاڪس يا ايم پاڪس و??ئر?? کان بچڻ لاءِ جاري قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر احمد مختار برٿ چيو ته ايم پاڪس کان بچڻ لاءِ سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هوائي اڏن تي اسڪينرز فعال آهن ۽ اسڪريننگ ۽ سرويلينس جو اثرائتو نظام موجود آهي. ڊبيلو ايڇ او جي اي?? او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ روزانو جي بنياد تي صورتحال جي نگراني جاري آهي.