اسلام آباد-23 آگسٽ (اي پي پي) برطانيه جو اميگريشن سسٽم ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي ۽ فزيڪل دستاويزن کي آن لائن اميگريشن اسٽيٽس سان ??دلايو ويندو، بايوميٽرڪ رهائشي اجازت نامي، پاسپورٽ تي اسٽيڪرز ۽ ڪجهه ٻين دستاويزن جي هاڻي وڌيڪ ضرورت نه هوندي. ڪالهه برطانوي سفارتخاني مان ??اري بيان موجب جيڪڏهن او??ان کي ڪم ڪرڻ يا پڙهائي لاءِ برطانيه ۾ 6 مهينن کان وڌيڪ رهڻ لاءِ ويزا ڏني وڃي ٿي ته هاڻي او??ان کي پنهنجي اي ويزا تائين پهچ لاءِ UKVI آن لائن اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت هوندي. اڪائونٽ او??ان جي اميگريشن جي حيثيت جي آن لائن رڪارڊ طور ڪم ڪري ٿو. انهن ماڻهن لاءِ جن کي برطانيه ۾ 6 مهينن کان گهٽ رهڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، مثال طور سياح جي حيثيت سان ??و??ان کي UKVI اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت ناهي. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جين مي??ٽ چيو آهي ته اسان پاڪستانين لاءِ برطانيه جو سفر آسان ??ڻائڻ لاءِ مسلسل نواڻ اختيار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جو اهو نئون استعمال ويزا جي عمل جي هڪ اهم حصي کي هموار ڪندو. ان کي وڌيڪ محفوظ بڻائيندو ۽ ڪاغذي دستاويزن تي ڀاڙڻ گهٽ ڪندو. بيان موجب اهو عمل مفت، محفوظ ۽ آسان ??هي. برطانيه ڏانهن ويندڙ خواهشمندڙ ويب سائيٽ gov.uk/eVisa تي اڪائونٽ ٺاهڻ جي طريقي سميت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. او??ان کي ان وقت تائين برطانيه جو سفر نه ڪرڻ گهرجي جيستائين او??ان کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ برطانيه جا صحيح ويزا ايپليڪيشن سينٽر کان واپس نه ملي وڃي، اي ويزا ۾ ??نه?? فزيڪل دستاويز کي اپ ڊيٽ ڪرڻ سان ??و??ان جي اميگريشن جي حيثيت يا برطانيه ۾ داخل ٿيڻ يا رهڻ جي او??ان جي اجازت جي شرطن تي ڪو به اثر نٿو پوي. بيان موجب برطانيه پهچڻ تي او??ان کي هاڻي به بي آر پي جمع ڪرائڻ جي ضرورت هوندي، سمورا بي آر پي ڪارڊ 31 ڊسمبر 2024ع تائين ڪارآمد آهن پر بي آر پي ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ سان ??و??ان جي اميگريشن جي حيثيت متاثر نٿي ٿي، او??ان پنهنجو UKVI اڪائونٽ ٺاهڻ ۽ پنهنجي اي ويزا تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو بي آر پي ڪارڊ استعمال ڪري سگهو ٿا.