راولپنڊي – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سان چين جي هٿياربند فوج جي سربراهه لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي ??عا??لن ۽ فوجي تعاون مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پيپلز لبريشن آرمي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر ??نرل لي ڪيائو منگ جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ??عا??لن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، علائقائ?? سلامتي، فوجي تربيت ۽ دفاع جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ??عا??لن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آرمي چيف ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. مهمان شخصيت دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستان جي موثر ڪوششن کي ساراهيو، چيني ڪمانڊر پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ جذبي کي پڻ ساراهيو. آرمي چيف چيني ڪمانڊر ??ا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته دفاعي تعاون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچاري جي علامت آهي، پاڪستان چين سان پنهنجي مضبوط تعلق کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ان موقعي تي چيني ڪمانڊر ??ي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا. جي ايڇ ڪيو اچڻ تي چيني ڪمانڊر کي پاڪ فوج جي دست?? سلامي پڻ پيش ڪئي.