اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي ??زي?? سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ??زي??اعظم جي ويزن موجب ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، نجي شعبي کي معيشت کي هلائڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت نجي شعبي کي سهولتن جي فراهمي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي ڪي اليڪٽرڪ جي ??يئرمين، بورڊ آف ڊائريڪٽرز مارڪ سڪيلٽن سان ملاقات ۾ ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي جي رهواسين کي سستي ۽ جٽادار توانائي جي فراهمي يقيني بنائڻ، ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪراچي جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ڪمپني کي تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف من??قلي جي من??وبن جي باري ۾ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبرن جاويد قريشي، مبشر ايڇ شيخ، مونس علوي، سي اي او عمران قريشي، چيف ريگيوليٽري افيئرز عامر غزيني، چيف فنانشل آفيسر ۽ ناڻي وزارت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيم ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنريشن مڪس ۾ تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن کي شامل ڪرڻ جي من??وبن بابت بريفنگ ڏني. ٽيم ناڻي واري ??زي?? کي ڪراچي جي رهواسين کي بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ طرفان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ناڻي واري ??زي?? چيو ته بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، ان ۾ ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نجي شعبي مان پيشوراڻي مهارت وارن ماڻهن کي آڻڻ، بورڊز جي ??ارڪردگي ۾ بهتري ۽ مجموعي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ سرڪاري نامزدگين جي انگ کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. انهن سمورن سرڪاري ڊسڪوز ۽ جينڪوز ۾ نجي شعبي جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ??زي??اعظم جي ويزن مطابق 3 ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته نجي شعبي کي فعال بنائڻ ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ناڻي واري ??زي?? ڪي اليڪٽرڪ طرفان توانائي جي پيداوار ۽ ڊسٽري بيوشن جي ??من ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ توسيع وارن قدمن کي ساراهيو. هن تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف من??قلي ۽ سستي توانائي جي پيداوار لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت طرفان مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي.