اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي ??ي) صدر آصف علي زرداري اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پو??ي قوم دهشتگ??دن جي خاتم?? لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ مختلف جهڙپن دوران خوارجي دهشتگ??دن کي مارڻ تي فورسز کي ساراهيو ۽ فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. صدر ڪاررواين دوران جان جي قرباني پيش ڪندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته ملڪ ج?? لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوانن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. صدر ان عزم جو ورج??ءُ ڪيو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ج?? لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رکنداسين. هن چيو ته پو??ي قوم دهشتگ??دن جي خاتم?? لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر شهيدن جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلند?? لاءِ دعا ڪئي.