اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد خان چيما بيلاروس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ???? دعوت ڏي??دي چيو آهي ته خاص سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ شفاف نظام قائم ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏي??هن هتي بيلاروس جي توانائيءَ واري وزير اليڪسي ڪ??شنرنيڪو سان ملاقات ??وران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري ??ڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. احد خان چيما پاڪ- بيلاروس گڏيل وزارتي ڪ??يشن ۾ شرڪت تي بيلاروس جي توانائيءَ واري وزير جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ??ڪمت عملي 2025-2027ع کي اهم قرار ڏنو جيڪو پاڪستان جي معيشت جي بحاليءَ لاءِ هڪ هاڪاري قدم آهي. هن بيلاروس سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ ج?? دعوت ڏني ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ جو شفاف نظام قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ستين گڏيل وزارتي ڪ??يشن جي فيصلن تي عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ بابت مفاهمتي يادداشتن تي صحيح کي سٺي اڳڀرائي قرار ڏنو. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ وزيراعظم شهباز شريف بيلاروس جو دؤرو ڪندو، جڏهن ته نومبر ۾ صدر مملڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلاروس ويندو. بيلاروس جي وزير پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار تي راضپي جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل وزارتي ڪ??يشن جي فيصلن مان هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. هن زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.