اسلام آ??اد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي قومي ڏينهن تي چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪ??اد ڏيندي چيو آهي ته صدر شي جن پنگ جي ولولا انگيز قيادت ۾ چين غيرمعمولي ترقي جا هدف حاصل ڪيا آهن. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ و??يراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين آئرن برادر آهن، اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري وقت سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين روڊ اينڊ بيلٽ منصوبي جي فليگ شپ پراجيڪٽ (سي پيڪ) جي مڪمل ڪاميابي لاءِ پرعزم آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان چين سان هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ ??ستحڪم بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪريون ٿا.