اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي لاءِ موثر ڪارروا??ي ڪرڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري واقعي ۾ ٻن چيني شهرين جي مار??ڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر واقعي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ??ه ملڪ دشمن عنصر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون ??مدرديون چيني شهرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گ?? آهن.