رحيم يار خان – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سينيٽر چوڌري محمد جعفر اقبال سان اسلام آباد جي سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن راڻا عمران لطيف ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ صحافي?? کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ صدر ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب رحيم يار خان قيصر غفور چوڌري پڻ ساڻس گڏ هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري محمد جعفر اقبال چيو ته پاڪستان خطي جو اهم ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري طاقت آهي جنهن جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو ۽ مستقبل روشن ۽ شاندار آهي، پاڪستان جي بدخواهن جون سازشون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون، پاڪستان ۾ رهندڙ هر ماڻهو جانثاري جي جذبي سان سرشار آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ملڪ جي دفاع لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندو. هن چيو ته موجوده ملڪي حالتن ۾ صحاف??ن جو ڪردار انتهائي اهم آهي ڇو ته صحافي معاشري جو آئينو هوندا آهن، اسان انهن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت جو عوامي خدمت ۾ ڪو به ثاني نه آهي، ماضي گواهه آهي ته پارٽي ملڪ کي سدائين ترقي ڏني ۽ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪيو. موجوده حڪومت به انهي تسلسل سان اڳتي وڌي رهي آهي، اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود وفاقي ۽ صوبائي حڪومت عوام کي ريليف جي فراهمي ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ سمورا حاصل وسيلا عوامي ڀلائي تي لڳايا پيا وڃن، جنهن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز خراج تحس??ن جا مستحق آهن جن پارٽي صدر محمد نواز شريف جي ويزن جي تڪميل جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي. راڻا عمران لطيف چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو غيرضروري سياسي تڪرار آهن ج?? کي سياستدان?? کي گڏجي ويهي ختم ڪرڻو پوندو، هي وقت گڏيل اختلاف?? کي هوا ڏيڻ جو نه پر متحد ٿي ملڪي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو آهي. هن چيو ته پاڪستا?? کي الله تعاليٰ تمام گهڻين نعمتن سان نوازيو آهي اسا?? کي خودانحصاري اختيار ڪري پنهنجي وسيل?? کي ڪارائتو بڻائڻو پوندو. هن چيو ته صحافت کي جمهوريت جو چوٿون ٿنڀ چيو وڃي ٿو جيڪو معاشري جي مسئل?? کي اجاگر ڪرڻ ۽ عوام جو آواز حڪمرانن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، حڪومت کي گهرجي ته صحاف??ن جي مسئل?? کي ختم ڪري ۽ انه?? کي تحفظ فراهم ڪري. ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي صدر قيصر غفور چوڌري چيو ته سياسي مفادن جي خاطر ملڪي مفاد?? کي داءُ تي لڳائيندڙ?? کي هوش کان ڪم وٺڻو پوندو، موجوده خراب حالتن ۾ سمورن سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ?? کي ملڪي مفادن جي تڪميل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ملڪ جي عوام به محب وطن ۽ جانثار آهي جن جي وفاداري شڪ جي ڪا گنجائش نه آهي. ان موقعي تي توقير خان ايڊووڪيٽ، چوڌري زاهد گجر ۽ ٻيا موجود هئا.