اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقع?? تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت پاران مهمان نواز?? تي ٿورا مڃيا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ جي شنڪ?? چيو ته اسلام آباد م??ن روانو ٿي رهيو آهيان. ”آئون وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ پاڪستان جي حڪومت جي مهمان نواز?? تي ٿورا ادا ڪريان ٿو.“ واضح رهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر اڱاري ڏينهن پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتو هو جتي هن شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي. هن اسلام آباد م??ن روانو ٿيڻ جي پنهنجي تصوير پڻ شيئر ڪئي.