اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪرغزستان، فلسطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن اي??ان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نا??زد سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني. صدر کي جمهوريه ڪرغزستان جي نا??زد سف??ر اوازبيڪ اتاخانوف، فلسطين جي نا??زد سفير ڊاڪٽر زوهير محمد حمدالله زيد، جمهوريه ڪوريا جي نا??زد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي نا??زد هاءِ ڪمشنر علي شير تختائي، ڪينيا جي نا??زد هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ ترڪيه جي نا??زد سفير عرفان نز??ر اوگلو سفارتي سندون پيش ڪيون. نا??زد سفيرن صدر سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر اميد ظاهر ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي اي??ان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.