اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي جيڪو خطي ۾ استحڪام، امن ۽ عالمي پارلياماني لا??اپ?? کي بهتر بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، عالم?? سطح تي امن جي قيام جون ڪوششون عالمي سهڪار بنا ممڪن ناهن، پاڪستان عالمي امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن هاڪاري قدمن ۾ شامل رهڻ جو خواهشمند آهي. ڪي پي ڪي مذهبي سياحت کي تاريخي ماڳن سان گڏوگڏ قدرتي نظارن سان مالامال آهي، ڪي پي ڪي جو روشن اميج دنيا آڏو روشن ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونائيٽيڊ پيس فيڊريشن انٽرنيشنل ۽ انٽرنيشل ايسوسيئيشن آف پارليامينٽيرنيز فار پيس جي چيئرمين ڊاڪٽر چارلس ايس يانگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ڪي پي ڪي جي گورنر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائوس آف نمائندن نيپال جي ميمبر ۽ فارن رليشنز اينڊ ٽوئر ازم ڪميٽي نيپال جي چيئرمين اڪ ناٿ ڍاڪل ۽ آءِ اي پي پي ايشيا جي علائقائي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، هلال احمر ڪي پي ڪي جي چيئرمين حبيب ملڪ اورڪزئي ??ڻ موجود هئا، ان ملاقات جو مقصد عالم?? سطح تي امن کي هٿي ڏيڻ، پارلياماني سهڪار ۽ عالمي لا??اپ?? کي مضبوط بنائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي ۽ ڪي پي ڪي ۾ مذهبي ٽوئر ازم کي هٿي ڏيڻ هو. ڊاڪٽر چارلس ايس يانگ ۽ سندس وفد جي ميمبرن ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام ۽ عوامي ڀلائيءَ لاءِ گورنر جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته عالم?? سطح تي امن جي قيام لاءِ پاڪستان جهڙي ملڪ جو ڪرد??ر انتهائي اهم آهي. ڊاڪٽر يانگ چيو ته يو پي ايف ۽ انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف پارليامينٽيرنز فار پيس، پاڪستان سان گڏجي اهڙن قدمن جي همٿ افزائي ڪندو جيڪو نه صرف ملڪي پر عالم?? سطح تي استحڪام ۽ امن کي هٿي ڏيندو.