اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته والدين جي سڃاڻپ کان محروم ٻارن جي حوالي سان نادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان پاليسي تحت انهن ٻار?? کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو، اهڙن ٻارن جي ل??ءِ شرط آهي ته انهن جو تعلق اهڙي يتيم خاني يا چائلڊ ??رو??يڪشن يونٽ سان هجي جيڪو نادرا سان رجسٽرڊ هجي. هو سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي قرارداد تي ڳالهائيندي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والدين کانسواءِ ٻارن جو جڏهن آءِ ڊي ڪارڊ ٺهي ٿو ته ولديت جي جڳهه رينڊملي نالو وڌو وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن والدين کانسواءِ آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪنداسين ته ان??ن سان امتيازي سلوڪ ٿيندو ۽ معاشري ۾ انهن جي ل??ءِ مشڪلاتون ٿينديون. هن چيو ته ان معاملي کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بدران نادرا چيئرمين سان ميٽنگ ڪري وٺون. هن ٻڌايو ته موجوده پاليسي تحت 280 ٻار?? کي اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، ا?? کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن مجهول النسب لکيو ويو يا بنا والدين جي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪيا ويا ته انهن ٻارن جي ل??ءِ معاشري ۾ جيئڻ مش??ل ٿي ويندو. هن چيو ته يتيم خانن ۽ چائلڊ ??رو??يڪشن يونٽس کي نادرا سان رجسٽرڊ هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙن ٻارن جي سڃاڻپ جي ل??ءِ نادرا ۾ موثر نظام آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهڙن ٻارن جي رجسٽريشن ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ان حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي ل??ءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته اهو ڪم پاڪستان جي ليجنڊ مرحوم عبدالستار ايڌي شروع ڪيو هو ۽ ا?? کي سپريم ڪورٽ جو تحفظ پڻ حاصل آهي، جيڪڏ??ن سينيٽ جي ??رو??يڪشن حاصل ٿي ويندي ته اهو وڌيڪ بهتر ٿي ويندو. هن چيو ته اهو ڏسڻو پوندو ته اهو نظام ڪيئن ٺهي سگهي ٿو جنهن ۾ ٻارن جو نقصان نه ٿئي ۽ اسان وڌ کان وڌ ٻار?? کي ان طريقي سان رجسٽرڊ ڪري انه?? کي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪري سگهون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثمينه ممتاز زهري جي سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جا والدين نه آهن ته نادرا ڊيٽابيس جي اندر رينڊملي ڪو به نالو ولديت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ ڊيٽابيس مان خبر پئجي وڃي ٿي ته هي ٻار اهو آهي جنهن جي ولديت نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان جي ايوان جا اهڙا ميمبر به آهن جن اهڙا ٻار پاليا آهن ۽ انه?? کي پنهنجي ٻارن کان وڌي ڪري پاليو آهي، زمين ڏني آهي، وراثت ۾ حق ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح پاليو آهي جهڙي طرح پنهنجي ٻار?? کي پالين ٿا، اهو مثال اسان جي سامهون موجود آهي.