اسلام آباد-05 نومبر (ا?? پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڊيرا اسماعيل خان ۾ خوارجي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جي شهيد ٻن اهلڪارن کي خراجِ ??قيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن سان آهن، شهيدن جي ??ون??يرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. گذريل ڏينهن گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته شيهد سپاهي شير الرحمان ۽ شهيد سپاهي سيد امين جي عظيم قربانيءَ کي سلام پيش ڪريان ٿو. ٻنهي شهيدن دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي خاڪ ۾ ملايو. هن چيو ته شهيدن جي ??ون??يرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمي ??پاهين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته زخمي ??پاهين جي علاج ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وي??دي. ايف سي جي بهادر جوانن تي فخر آهي.