رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ عيرمشروط جنگبندي، انصاف جي عالمي عدالت جي فيصل?? تي عملدرآمد ۽ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهم?? تي فوري پابندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جنگي ڏوهن تي اسرائيل جو گهيراءُ ڪيو وڃي، ان جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جامع نظرثاني جي گهرجائو آهي، معصوم فلسطينين کي بنا دير امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوند??، پاڪستان فلسطيني عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب – اسلامڪ غي??مع??ولي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ غزه ۽ فلسطين سميت وچ اوڀر جي صو??تحال تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم پنهن??ي خطاب جي شروعات قرآن پاڪ جي آيت مبارڪه سان ڪئي. هن خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان کي عرب – اسلامڪ غي??مع??ولي سربراهه اجلاس منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته گذريل هڪ سال کان غزه ۽ والاريل فلسطين ۾ بک، افلاس ۽ ڏڪار درپيش آهي، غزه تي اسرائيل جارحيت جون سموريون حدون پار ڪري چڪو آهي، هزارين ماڻهو شهيد جڏهن ته لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، اسپتالن کي زخمين سميت اڏايو پيو وڃي، فلسطينين ??ي خلاف تازي ڏاڍ کي ميڊيا ۽ انصاف جي عالمي عدالت نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪا آهن، ان صو??تحال تي عالمي برادري ڪيستائين اکيون بند رکندي. وزيراعظم چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان اسرائيل جي هٿان عالمي قانونن ۽ قدرن جون پائماليون جاري آهن، انسني بنيادن تي تسلسل سان جنگبندي ۽ انساني ريليف جي فراهمي ۽ تحفظ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته غزه ۾ رهواسين سميت گهرن کي اڏايو پيو وڃي، ان صو??تحال جي باوجود اسرائيل کي جديد ترين هٿيارن جي فراهمي جاري آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان جي غيرمشروط حمايت ۽ تحفظ جاري آهي، عالمي انساني قانون به مظلومن ??ي خلاف اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿا ڏين. وزيراعظم چيو ته غزه رت سان رڱيل آهي ۽ عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. وزيراعظم فلسطين ??ي خودمختياري جي حق جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي حمايت جاري رکندو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ واريون هجن، اهو ئي مقدس سرزمين ۾ پائيدار امن ۽ انصاف جي ضمانت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ايران تي تازي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪري ٿو جيڪي ان جي سالميت ۽ علائقائي خودمختياري ??ي خلاف ورزي آه??، پاڪستان لبنان ۾ اسرائيلي فوجي جارحيت جي پڻ مذمت ۽ اتان جي معصوم ماڻهن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته غزه ۾ فوري جنگبندي وقت جي ضرورت آهي، اسرائيل امداد جي بندش کي بطور هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي، معصوم فلسطنين بنا دير خوراڪ، دوائن جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي، اسرائيل جي توسيع پسنداڻي ارادن سان امن کي خطرا آهن، اسرائيل کي هٿيارن جي فراهم?? تي فوري پابندي هنئي وڃي، جنگي ڏوهن تي اسرائيل کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، غزه بابت انصاف جي عالمي عدالت پڻ فيصلو ڏئي چڪي آهي، انصاف جي عالمي عدالت جي فيصل?? تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، اسرائيل جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ تي جامع نظرثاني ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان کي مذمت کان اڳتي وڌي ڪانفرنس ۾ اٿندڙ آوازن کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي، دعاڳو آهيون ته فلسطينين جي آزادي جو سج جلد اڀرندو.