اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آه??، ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آه??، پاڪستان ??نهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپ??ڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ گاڏي سان لتاڙيل رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي دلي غم ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن ۽ سندن ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪري کين واقعي جو ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رنيجرز ۽ پوليس اهلڪارن ک?? بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ج?? به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳا آه??، ڏڦيڙي ٽولو قانون لاڳ ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آه??. پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهر ۾ امن و امان لاڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آه??. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولي هٿان شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جون زندگيون ت??اه?? ڪيون ويون آه??، ڏڦيڙي ٽولو گذريل ڏينهن پوليس اهلڪارن ۽ اڄ رينجرز جي اهلڪارن کي شهيد ڪري معصوم ٻارڙن ۽ سندن ڪٽنبن آڏو جوابده آه??. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه رتوڇاڻ چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج ناهي شدت پسندي آه?? ۽ پاڪستان ??و به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپ??ڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي ۽ انتهائي مذمت جوڳي آه??. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد ٿيل رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.