اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آ??ي ته شام ۾ ڦاٿل 245 پاڪستاني زائرين سميت 350 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني شهري شام ۽ لبنان جي سرحد عبور ڪري چڪا آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر جي هدايت تي دمشق ۾ پاڪستان جي سفارتخاني وطن واپسي جي عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ڊپٽي هيڊ آف مشن عمر حيات پاڪستاني شهرين سان گڏ سرحد تي ويو. بيروت ل??نان ۾ ڊپٽي هيڊ آف مشن نواب عادل لبنان ۾ انهن جو ا??تقبال ڪيو.