اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪور??نا وبا جي خلاف موجوده حڪومت جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪور??نا وبا جي پکڙجڻ جو خدشو آهي، وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ گهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته هو عيدالاضحيٰ تي گهرن ۾ رهن، وزيراعظم جي غربت گهٽايو ۽ سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي احساس پروگرام جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، حڪومت ڪور??نا وبا ۽ موجوده معاشي صورتحال ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، شڪي لائسنس وارن 28 پائليٽس کي نوڪري مان ڪڍيو ويو آهي، جعلي لائسنس وا??ا سمورا پائليٽس پيپلزپارٽي ?? مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا، ??لع?? پائليٽن جي معاملي تي پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.