اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊ??سي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ۾ نو??ڪل??ئي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سمورن شعبن خاص طور تي معيشت، واپار، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاعي صنعت ۽ تعليم ۽ ثقافت ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم ??مران خان بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊ??سي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جا بوسنيا هرزيگووينا سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن.